درمحمد پنهور مولانا

درمحمد پنهور، مولانا: نامور عالم، شاعر ۽ مولانا در محمد ولد امام بخش پنهور 1902ع ڌاري ڳوٺ سيد عاليوال، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولانا عبدالڪريم ڏيري کان حاصل ڪرڻ بعد اتي ئي دستاربندي ڪيائين. هن ڪجهه وقت پنهنجي ڳوٺ عاليوال ۾ پڙهايو، جنهن بعد هن گاهي مهيسر ۾ ٻارهن سال پڙهائڻ بعد ڳوٺ گرڪڻ ۽ فريدآباد جي مدرسن ۾ پڻ پڙهايايو. سندس لکيل ڪتابن ۾ ’امداد الصرف‘، ’نحو‘، ’هدايت المنظور‘، ’مسائل فقھ‘ قابلِ ذڪر آهن. مولانا وٽان ڪيترائي شاگرد درس وٺي فارغ التحصيل ٿيا. سندس مشهور شاگردن ۾ مولانا محمد علي، مولانا عبدالله ورنا (بلوچستان)، مولانا الاهي بخش (بلوچستانحافظ محمد صادق، حافظ محمد ابراهيم ۽ ٻيا نامور عالم شامل آهن. مولانا حج لاءِ به ويو، جتان واپسيءَ تي سندس طبيعت خراب ٿي ۽ بيمار رهڻ لڳو. هن 1976ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي ڳوٺ عاليوال جي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو